حضرت اسماعيل شاهه بخاري جو ميلو

حضرت اسماعيل شاهه بخاري جو ميلو: مشهور بزرگ حضرت اسماعيل شاهه بخاريءَ جو ميلو ديهه مويا، ، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ هر سال 7، 8 ۽ 9 مارچ تي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ ملاکڙو، ڪٻڊي راند، سرڪس، چوپائي سال جو وڪرو، ڀلن ڍڳن ۽ گھوڙن جا انعامي مقابلا ۽ مختلف شين جا دڪان سينگاريا ويندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند ۽ مريد اچي حاضري ڀريندا آهن. هن ميلي ۾ لنگر جو پڻ انتظام هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو